درگاهه شاهه مصراڻي

درگاهه شاهه مصراڻي

درگاهه شاهه مصراڻي

درگاهه شاهه مصراڻي: هيءَ درگاهه ديهه ڪنڊي وڏي، تعلقي دولتپور، ضلعي بينظير آباد (نوابشاهه) جي ڳوٺ فيض محمد پلي، بچاءَ بند ۽ چر ڳوٺ جي اولهه ۾ هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي 26° 28' 28" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 67° 58' 55" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي چورس مقبرو 5.80x5.80 ميٽرن جي ماپ جو، جنهن جي اوچائي 8.50 ميٽر آهي. ڏکڻ ۾ لنگهه ۽ دروازو ونگن سان ڏنل آهي. مقبرو بنا چٽن جي سادو آهي، مهاڙيءَ ۾ برجيون ڏنل آهن. اڌ نموني جو گنبذ ٺهيل آهي، گنبذ ڳچ تي ٺهيل آهي، ان جي مٿان نيل ڏنل آهي. هر ڪنڊ تي اندر جوڙ ڪنڊون ناهي، ان جي مٿان گنبذ اڏيو ويو آهي. مقبري ۾ پير جي قبر ڪاٺ جي ڇٽيءَ ۾ آهي. هي ٽالپرن جي دور جي اڏاوت آهي. هتي هر سال معتقد ميلو لڳائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو